تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن مامري جو جرڳو: نينگري سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتويٰ، 11 لک ڏنڊ به مقرر: جرڳائي گرفتار، ڪيس داخل

ڳوٺ بگرو باجڪاڻي ۾ احمد باجڪاڻي جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو، مکڻو باجڪاڻي ڌر تي 11 لک ۽ سڱ چٽي جي فتويٰ

پوليس جو ايڪشن، 6 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري جرڳو ڪندڙ سميت 3 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ بگرو باجڪاڻي ۾ ڪارنهن جو جرڳو ٿيو، مير احمد باجڪاڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ 5 سالن جي نينگري سڱ چٽي ۽ 11 لک ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي وئي.
4 مهينا اڳ فوجلو باجڪاڻي پنهنجي گهرواري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري مکڻو باجڪاڻي ڌر تي الزام هنيو هو، جنهن جو جرڳو ٿيو.
جرڳي ۾ ڪارو قرار ڏنل مکڻو باجڪاڻي ڌر فوجلو باجڪاڻي ڌر کي 2 لک ادا ڏنا، 20 هزار معاف ڪرايا ويا باقي رقم ڪارنهن الزام هيٺ آيل مکڻو باجڪاڻي ڌر 3 قسطن ۾ ادا ڪندي.
گبلو پوليس موجب ڳوٺ مير احمد باجڪاڻي ۾ جرڳو ٿيو آهي، الزام هيٺ آيل نوجوان جي والد ۽ جرڳي ۾ سڱ چٽي ڏيڻ لاءِ راضي ٿيندڙ والد کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جرڳو ڪندڙ سميت 6 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري جرڳائي مير احمد باجڪاڻي، فيض الله، رضا محمد سميت کي گرفتار ڪري ورتو.



Bookmark the permalink.