تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪنڌڪوٽ ۾ پورهيت گرمي جي سٽ نه سهندي فوت

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي مٺا چوڪ وٽ پورهيت راڻو نصيراڻي اوچتو رستي ويندي ڪِري پيو نوجوان جي ڪِري پوڻ بعد شهري وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا ۽ پورهيت نوجوان کي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال آندو جتان ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته نوجوان فوت ٿي چڪو آهي ڊاڪٽرن موجب ته گرمي لڳڻ سبب مزدور راڻو نصيراڻي فوت ٿيو آهي جڏهن ته نوجوان پورهيت جي فوت ٿيڻ جي خبر نوجوان جي گهر ۾ پوڻ شرط ئي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.