تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ڪنڌڪوٽ ۾ پلاسٽڪ جون 25 مڻ ٿيلهيون هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار شهر ۾ استعمال ٿيندڙ غيرقانوني طور 25 مڻ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون هٿ ڪري 2 ڄڻن وڪاش ۽ هري رام کي گرفتار ڪري ورتو. اسسٽنٽ مختيارڪار جو چوڻ هو ته واپاري غيرقانوني ٿيليهون دڪاندارن کي ڏين ٿا، جيڪي عام شهرين کي وڪرو ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت طرفان پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳل آهي.



Bookmark the permalink.