تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪ کان هڪ لک ڦر، ٿاڻي آڏو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ شهر جي پاهوجا ميڊيڪل اسٽور تي ميڊيڪل اسٽور مالڪ ڪئلاش ڪمار کان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هڪ لک کان وڌيڪ روڪ رقم سوني منڊي موبائيل فون ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا شهر اندر موٽرسائيڪل سوار 2 هٿياربندن ڦر واردات ڪرڻ بعد شهرين ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻه جو گهيراءُ ڪيو ۽ چوري واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ان سلسلي ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪ ڪئلاش ڪمار جو چوڻ هو ته هٿياربندن 2 ڄڻا هئا ٻئين موٽرسائيڪل تي اچي دڪان تي داخل ٿيا ۽ آساني سان ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا پر پوليس هٿياربندن جو پيڇو نه ڪيو ۽ نه ئي روڪ رقم ۽ سامان واپس ٿي سگهيو هن چيو ته چورن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

Bookmark the permalink.