تازا ترين
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿيل ماءُ پٽ جو ڪيس جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري جي 35 ڄڻن تي داخل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) دراني مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد سبزوئي ويجهو 3 ڏينهن اڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان قتل ٿيل سرفراز جاگيراڻي ۽ سندس/ والده طوطا جو قتل ڪيس مسمات جاڻي جي فرياد تي مخالف جاگيراڻي برادري ۽ چاچڙ برادري جي چڳي مڙس سميت 35 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ معشوق علي جاگيراڻي، طيب، مراد علي، سڪندر، ڪبير، آصف، مرتضيٰ جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري جي عرض محمد چاچڙ سندس ڀاءَ غلام شبير چاچڙ خادم، قربان، محمد علي، علي نواز چاچڙ ۽ ٻيا شامل آهن.چاچڙ برادري جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد چاچڙ برادري جو ڪٺ ڳوٺ عرض محمد چاچڙ ۾ ٿيو، جنهن مذمت ڪئي وئي. محمد چاچڙ، سندس ڀاءَ غلام شبير چاچڙ،عبدالحميد چاچڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان تي ايس ايس پي سياسي مخالفن ۽ ڌاڙيلن جي چوڻ تي ناحق ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن ۽ ٻي ڌر جي نورالدين جاگيراڻي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيو.

Bookmark the permalink.