تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ڪنڌڪوٽ ڀرسان 2 ڏينهن اڳ گُم ڄاڻايل نوجوان جو لاش هٿ

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ گندي پاڻي مان نوجوان جو لاش هٿ آيو، 2 ڏينهن اڳ لاپتا ٿيل 25 ورهين جي نوجوان ننو ملڪ جو لاش شهر جي ڀرسان گندي پاڻي مان هٿ آيو، شهرين پاڻي ۾ نوجوان جي لاش کي ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو، گندي پاڻي مان نوجوان جو لاش ڪڍيوويو، پوليس پهچي نوجوان جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان خودڪشي ڪئي يا قتل ڪيو ويو، واقعي بابت خبر نه پئجي سگهي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچڻ بعد ئي ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.