تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڪارنهن تڪرار جو جرڳو: الزام هيٺ آيل ڌُر تي نينگري سڱ چٽي ۽ 11 لک رُپيا ڏنڊ

ڳوٺ بگرو باجڪاڻي ۾ 4 مهينا اڳ ڪارنهن جي تهمت ۾ عورت کي قتل ڪيو ويو

ميڊيا تي ڳالهايو ته برادري مان نيڪالي ڏني ويندي: جرڳي ۾ ماڻهن کي وارننگ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، نينگري سڱ چٽي ۽ 11 لک رپيا ڏنڊ، ڳوٺ بگرو باجڪاڻي ۾ مقدم مير احمد باجڪاڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل مکڻو باجڪاڻي جي ڌر تي 5 ورهين جي نينگري بهاري باجڪاڻي جو سڱ چٽي ۽ 11 لک رپيا ڏنڊ وڌيو ويو، ذريعن موجب جرڳي ۾ فتويٰ جاري ڪئي وئي ته ڌريون پابند هونديون ته ميڊيا اڳيان بيان رڪارڊ نه ڪرايوويندو، جيڪڏهن ڪو بيان رڪارڊ ڪرائيندو ته ان کي برادري مان نيڪالي ڏني ويندي، ياد رهي ته چار مهينا اڳ فوجلو باجڪاڻي پنهنجي گهرواري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري مکڻو باجڪاڻي تي ڪارنهن جو الزام هنيو هو، جنهن جو اڄ جرڳو ڪيو ويو.



Bookmark the permalink.