تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ڪنڌڪوٽ ڀرسان مڇي فارم تي ستل 2 چوڪيدار ڀائر اغوا

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رئيس قالو خان ڀيو وٽان 2 نوجوان ڀائر ڳوٺ صيفل ميراڻي جا رهواسي فائق ميراڻي ۽ عرفان ميراڻي کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ويا، رئيس قالو خان ڀيو ۾ مڇي فارم تي ستل ٻئين نوجوان پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن جيڪي فارم تي چوڪيداري ڪندا هئا علائقي مان اطلاع مليا آهن ته ٻئين نوجوان مڇي فارم تي ستل هئا ته هٿياربندن اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته ان اغوا واردات بابت حد جي ايس ايڇ او الياس اوڍو سان رابطو ڪرڻ تي هن جو چوڻ هو ته پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي نوجوانن جي بازيابي جلد عمل ۾ اچي ويندي . ذريعن کان معلومات ملي آهي ته هٿياربندن 3 نوجوانن کي اغوا ڪيو جنهن مان نادر ڀيو کي ڇڏي 2 نوجوانن فائق ميراڻي ۽ عرفان ميراڻي کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا،ياد رهي ته ضلعي اندر اغوا وارداتن جو سلسلو مسلسل هلندڙ آهي جنهن تي ٺاپر نه اچي سگهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ علائقي واسي خوف ۾ ورتل هجڻ سميت ضلعي جي امن و امان جي صورتحال خراب بڻيل آهي

Bookmark the permalink.