تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

ڪنڌڪوٽ ڀرسان خوني جهيڙو: ٻن عورتن سوڌو 4 قتل: ڌرڻو

لولائي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: ڌُريون مورچا بند: متاثر ڌُر جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو

ڪنڌڪوٽ /غوثپور (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙي ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ عورت به زخمي ٿي پئي آهي. جڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ فوجو لولائيءَ ۾ لولائي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو آهي، جنهن دوران ٻنهي ڌُرين هٿيارن جو آزاداڻو استعمال ڪيو. جهيڙي جي دوران گولي لڳڻ ڪري ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. جهيڙي کانپوءِ ڌُريون مورچا بند ٿي ويون ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.
جهيڙي دوران مارجي ويلن ۾ مسمات جيجان خاتون لولائي، مائي حرمت خاتون لولائي، شير لولائي ۽ عبدالقدوس عرف ڪانگو لولائي شامل آهن، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب هڪ عورت مسمات نذيران لولائي به زخمي ٿي پئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ فائرنگ جو ڪيتري ئي دير تائين هلندو رهيو، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو.
متاثرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
ٻئي پاسي مقتولن جي وارثن غوثپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ انڊس هاءِ وي جي ٻنهي طرفن کان ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. پوليس لولائي برادري جي ماڻهن کي روڊ کولڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا. پر متاثرن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.