تازا ترين
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪنڌڪوٽ ڀرسان اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن سان ڌاڙيلن جو رابطو: مغوي جي بازيابي لاءِ 20 لک رپيا ڀنگ طلب

ڳوٺ حاڪم بهلڪاڻي واسي نوجوان صدام کي 3 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ڀرسان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان صدام بهلڪاڻيءَ جي وارثن سان ڌاڙيلن جو رابطو، مغوي جي بازيابي لاءِ 20 لک رُپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان صدام بهلڪاڻيءَ جي وارثن سان ڌاڙيلن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي ۽ ڌاڙيلن مغوي جي بازيابي لاءِ 20 لک رپيا ڀنگ گهريا آهن، ڳوٺ حاڪم بهلڪاڻي واسي نوجوان 3 ڏينهن اڳ مڇيءَ جي فارم تي سُتل هو ته ڌاڙيل کيس اغوا ڪري ويا هئا، مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان غريب آهيون، 20 لک ڪٿان آڻيون، نوجوان جي بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن.

Bookmark the permalink.