تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ڪنڌڪوٽ/ سرحد: پوليس طرفان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل سرحد واسي 3 پورهيتن کي مقابلي بعد آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ

سرحد واسي شمن ڪوري، شاھد ڪوري ۽ شوڪت ڪوري بازياب ٿي گهر پهچي ويا

پورهيتن کي ڪچي جي علائقي مان ڌاڙيلن سان مقابلي بعد آزاد ڪرايو ويو: پوليس

ڪنڌڪوٽ/سرحد (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ پوليس 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل سرحد واسي ٽن پورهيتن کي مقابلي بعد آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مغوي گهر پهچڻ تي سندن وارثن ۾سرهائي جي لهر ڇانيل آهي. ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل سرحد واسي شمن ڪوري، شاھد ڪوري ۽ شوڪت ڪوري بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل پورهيتن کي ڪچي جي علائقي مان ڌاڙيلن سان مقابلي بعد آزاد ڪرايو ويو آهي. هوڏانهن اغوا ٿيل پورهيت بازياب ٿي گهر پهچڻ تي سندن وارثن ۾سرهائي جي لهر پکڙجي وئي آهي. واضح رهي ته مغوين کي ٽي ڏينھن اڳ ڪنڌڪوٽ جي علائقي ڀنھر ۾روڊ تي مزدوري ڪندي ھٿياربند اغوا ڪري ويا ھئا.

Bookmark the permalink.