تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ڪنڌڪوٽ: پوليس اسلام آباد، تربت، ڪنڊيارو ۽ ڪنڌڪوٽ جي چئن ڄڻن کي اغوا کان بچائي ورتو

ڌاڙيلن عورتاڻي آواز تي ڦاسائي چئني ڄڻن کي ڪچي ۾ گهرايو هو

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران اسلام آباد،تربت،ڪنڊيارو ۽ ڪنڌڪوٽ جي مغوين کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، ڪنڌڪوٽ جي رهائشي ٽيڪسي ڊرائيور خان محمد بنگوار کي عورتاڻي آواز جي ڄار ۾ ڦاسائي ڪچي ۾ گهرائڻ جي ڪوشش پوليس ناڪام ڪندي مغوين کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن صابر هاٽاري، ڪنڊيارو جي رهائشي دلدار ۽ تربت جي رهائشي بلوچستان واسي ناصر خان پٺاڻ کي ڌاڙيلن پاران عورتاڻي آواز ۾ هرڪائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالوجي سان چئني مغوين جي ڳالهه ٻولهه کي ٽريس ڪندي چئني مغوين کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو، چئني ڄڻن کي سبزوئي ۽ جاگيراڻي گينگ جا ڏوهاري عورتاڻي آواز ۾ هرکائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.