تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ڪنڌڪوٽ لڳ شرپسندن سارين جي 4 ديرن کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻه جي حد ڳوٺ باهو سبزوئي ۾ نامعلوم شرپسندن ساريالي فصل جي ديرن کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا جڏهن ته ديري تي پيل فصل مڪمل طور سڙي رک ٿي وئي،ڪنڌڪوٽ جي باهو سبزوئي ڳوٺ ۾ جاڙا سبزوئي،ٺارا سبزوئي،گل محمد سبزوئي، غازي سبزوئي جي 4 ديرن کي نامعلوم شرپسندن باه ڏئي ڇڏي آهي متاثرين گل محمد سبزوئي داهيندي چيو ته اسان تباهه ٿي وياسين، اسنا جي ڪنهن سان به دشمني ناهي هنن مطالبو ڪيو ته شرپسندن کي گرفتار ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي،هوڏانهن حد جي پوليس 3 ڄڻن کي گرفتاري ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.