تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن، ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي باهيون، 10 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

اغوا ۽ ڦر جي وارداتن بعد ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو، 10 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا:پوليس

ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي ساڙيو ويو آهي، ضلعي ۾ امن امان قائم رکيو ويندو: ميڊيا کي آگاهي

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن، ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي باهيون، 10 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني وڌڻ ۽ اغوا جي وارداتن بعد ڪچي ۾ پوليس جي وڏي نفري سان گڏ آپريشن ڪيو ويو، پوليس ان سلسلي ۾ ٻڌايو آهي ته ڏوهارين جي گرفتارين لاءِ آپريشن ڪيو ويو، ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، 10 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪنڌڪوٽ ۽ آسپاس ۾ ڏوهاري وارداتن کي نظر ۾ رکندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.