تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪنڊيارو ۾ 16 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ضياء سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو 16هين ڏينهن به احتجاج

مقتول جي ڀاءُ ارشاد سهتو پاران ڪراچي ۾ آءِ جي آفيس اڳيان ٻچن سوڌو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

والد جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان معصومن سان انصاف ڪيو وڃي: مقتول جون نياڻيون

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ 16 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ضياء سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو 16هين ڏينهن به احتجاج، قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ مقتول جي ڀاءُ ارشاد سهتو پاران ڪراچي ۾ آءِ جي آفيس اڳيان ٻچن سوڌو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جو چتاءُ، مقتول جا قاتل گرفتار ڪري ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، شهر جي ڪلتار پور محلي ۾ 16 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل سماجي اڳواڻ ضياء سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، مقتول جا وارث انصاف گهري رهيا آهن، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سهولتڪار بڻيل آهي، مقتول جي وارثن پاران ارشاد الحق سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 16هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، مقتول جي ٻارن جو چوڻ هو ته والد جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان معصومن سان انصاف ڪيو وڃي، مقتول ضياءُ سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندس ڀاءُ ارشاد الحق سهتو پاران ڪراچي ۾ آءِ جي آفيس اڳيان پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي، مقتول جي ڀاءُ ارشادالحق سهتو دانهيندي چيو ته هو غريب مسڪين آهن، اسان جي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، اسان جو ڀاءُ هڪ سماج سڌارڪ هيو، هن سدائين مظلوم ماڻهن جي وس آهر خدمت ڪئي، پر ظالمن ظلم ڪندي اسان جي ڀاءُ تي حملو ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري، پوليس قاتلن کان رشوت وٺي سندن ڌر بڻجي وئي آهي، ايس ايڇ او رحم علي واسواڻو، جاچ آفيسر نياز ٽانوري ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سرعام ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پوليس اسان جي ڀاءُ جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، هن آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مقتول ضياءُ سهتو جي قاتلن کي گرفتار ڪري ايس ايڇ او رحم علي واسواڻو کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ هو ڪراچي ۾ پاڻ کي ٻچن سميت باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندو، جنهن جي سموري ذميواري ڪنڊيارو ايس ايڇ او ۽ پوليس جي هوندي.

Bookmark the permalink.