تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

ڪنڊيارو ۾ نينگر کي شراب پياري مبينا بدفعلي، بيهوشيءَ جي حالت ۾ فصل ۾ ڦٽو ڪيو ويو

ڪنڊيارو(رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ علڻ ڪليري ۾ 8 سالن جي نينگر غلام مرتضيٰ پٽ بشارت ڪليري کي جوابدارن شراب پياري مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو، ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگر کي ڳوٺ جي ڀرسان وونئڻن جي فصل ۾ بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڦٽو ڪيو ويو، پوليس پاران نينگر جي وارثن کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو ويو، وارثن پاران نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جتي کيس هوش نه اچي سگهيو آهي ۽ سندس علاج هلندڙ آهي، ان ڏس ۾ متاثر نينگر جي والد بشارت ڪليري صحافين کي ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آهيون، پٽ کي شراب پياري ڏاڍائي ڪئي وئي، جوابدارن پاران پٽ کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد ڳوٺ ڀرسان وونئڻن جي فصل ۾ ڦٽو ڪيو ويو، اطلاع بعد پٽ کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو آهي، جوابدارن وڏو ظلم ڪيو آهي، پٽ کي ڪجهه وقت هوش آيو، جنهن ٻڌايو ته کيس شراب پياري بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو آهي، ڪجهه دير کان پوءِ پٽ بيهوش ٿيو آهي ته پنج ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود کيس هوش نه اچي سگهيو آهي، هن روئيندي ٻڌايو ته اهڙي دانهن پوليس کي ڏني آهي، پوليس رڳو پٽ جي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو آهي، باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، غريب مسڪين هجڻ ڪري ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه آهي، هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پٽ سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس، هوڏانهن نينگر جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، في الحال ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويندا، جتان رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه چئي سگهبو، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين نينگر اسپتال ۾ بيهوش پيل هو ۽ سندس علاج هلندڙ هو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

Bookmark the permalink.