تازا ترين
  • *گهوٽڪي: قومپرست پارٽين جي 25 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان *اسان جو اڄ کان ڪنهن به قومپرست پارٽي سان تعلق نه آهي: خادم سولنگي/عبدالطيف گهوٽو ۽ ٻيا*
  • *جيڪب آباد: ڪوريجا شاخ واسي پورهيت 40 ورھين جو اوشاق کوکر عورتاڻي آواز ۾ ھرکجي اغوا *نوجوان کي عورتاڻي آواز ۾ 3 ڏينھن اڳ گھرائي گهوٽڪي وٽان اغوا ڪيو ويو: وارث*
  • *سکر: قومپرست جماعتن جي 60 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان *اڄ کان قومپرست جماعتن سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي: لياقت چني ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس*
  • *اسلام آباد ۾ سمورن اڏاوتي منصوبنلاءِ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي منظوري لازمي قرار *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اِي پي اَي جي منظوري کانسواءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو *وزيراعظم جو خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ موسمياتي تبديلي واري کاتي جو سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور طلب *سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد کي به 22 آگسٽ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *
  • *هالا جي ٽيڪسي ڊرائيورن جو اڏي تي قبضي خلاف احتجاج، گاڏيون روڊ تي بيهاري ڇڏيون *ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري، پوليس ۽ قبضي خورن خلاف نعريبازي *بااثر پلاٽ وڪرو ڪري اسان کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿو: ڊرائيورن جون دانهون *هالا پوليس ڳالهين لاءِ ٿاڻي تي گهرائي لاڪپ ڪيو: ڊرائيورن جو الزام *
  • *حيدرآباد ۾ اڳوڻو ايم اين اي ۽ ايڇ ايم سي جو اڳوڻو ميئر آفتاب شيخ ڪار جي ٽڪر ۾زخمي *اڻڄاتل ڪار لطيف آباد نمبر 6 ۾کيس گهر ٻاهران ٽڪر هنيو، زخمي ڀٽائي اسپتال منتقل*
  • *سنجهورو: شادي هال پويان سڙيل ۽ بيهوشي واري حالت ۾ اڻڄاتل نوجوان هٿ *نوجوان پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني آهي: اکين ڏٺا شاهد *اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان کي کڻائي اسپتال پهچايو*
  • *سکر: مزدا کي اوچتو باهه لڳي وئي، گاڏي مڪمل طور تي سڙي وئي *اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪنڌڪوٽ: انڊس هاءِ وي تي ڄام واهي ويجهو روڊ حادثي ۾ پيرسن فوت *لاش اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي: پوليس *
  • *ڏهرڪي : گذريل ڏينهن روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل گلاب شاهه ڪالوني واسي نوجوان شاهزيب ملڪ فوت *شاهزيب گذريل ڏينهن اوٻاوڙو ويجهو جشن آزادي جي ريلي دوران ٽرالر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيو هو*
  • *حيدرآباد ۾به پوليو مهم جو افتتاح، هيلٿ ورڪرز ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ شروع ڪري ڇڏيا *پوليو مهم لاءِ هڪ هزار ٽيمون ڪم ڪنديون، 3 لک ٻارن کي ڦڙا پيارا ويندا: ضلعي انتظاميا*
  • *ٺري ميرواھه: بوزدار وڏا فيڊر جي رهواسين جو بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج *رهواسين ٽائر ساڙي ٺري سيٺارجا روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مسافر پريشان *بوزدار وڏا فيڊر جي ڳوٺن ۾ 24مان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: رهواسي*
  • *ٺل: ڳوٺ گلشير ڪنراڻي واسي پيرسن ابراهيم ڪنراڻي جو فصل مان لاش هٿ *اطلاع تي ڳڙهي حسن پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال کڻائي وئي*
  • *جيڪب آباد ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو، عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾لٺيون لڳڻ سبب حسينا، نور خاتون، غلام حسين ۽ ٻيا زخمي *جکرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو: پوليس*

سنڌ ۾ ٻن نينگرن ۽ ٻن ڀائرن سميت وڌيڪ 6 ٻارڙا تلاءَ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت، لاش موٽرسائيڪل تي روانا

ڪنڊيارو واسي ٻه ڀائر، گاجي کهاوڙ ۾ ٻه نينگريون، ڪشمور ۽ سکر جو 1_1 نينگر ٻڏي ويو

سکر ( رپورٽر) ڪنڊيارو جي سهڙا مائينر ۾ شادي هال ڀرسان وهنجندي ٻه ڀائر ٻڏي ويا هڪ جو لاش هٿ ڪيو ويو. ٻڏي ويل ڀائرن ۾ 15 ورهين جو عامر حطار ۽ 10ورهين جو زين العابدين شامل آهن. رهواسين پنهنجي مدد پاڻ ٻڏي ويل هڪ ڄڻي عامر حطار جو لاش هٿ ڪري ورتو ٻئي نينگر جي ڳولا جاري آهي. هٿ آيل نينگر جي لاش کي وارثن موٽرسائيڪل تي اسپتال پهچايو. ٻئي طرف گاجي کهاوڙ لاشاري پاڙي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجندي 8 ورهين جي نينگري اقرا ڌي لکمير لاشاري ، 10 ورهين جي شائلا ڌي امداد لاشاري ٻڏي فوت ٿي ويون. ٻڏي ويل نينگرين جا لاش اڌ ڪلاڪ بعد تلاءَ مان ڪڍيا ويا. نينگرين جا لاش گهر پهچڻ تي سندن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.هوڏانهن ڪشمور ويجهو کوسا پل واسي 10 ورهين جو نينگر مورڻ ڇڄڻ بيگاري گڊو فيڊر ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿي ويو. وارثن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت نينگر جي ڳولا جاري آهي. سکر ويجهو باگڙجي واسي 9 ورهين جو نينگر محمد سفير پٽ رضاالله ميمڻ دادو ڪئنال ۾ وھنجندي ٻڏي ويو نينگر جي ڳولا جاري وارث پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.

Bookmark the permalink.