تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪنڊيارو ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي، پوليس اهلڪار کان ڦر

ڪنڊيارو( ن پ ا ) ڪنڊيارو ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي، هٿياربند پوليس اهلڪار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئس موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا، جڏهن ته متاثر اهلڪار پوليس خلاف احتجاج ڪيو. پوليس اهلڪار اسدالله لاڙڪ ڊيوٽي تان واپس اچي رهيو هو ته هٿياربند کانئس موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿي ويا. متاثر پوليس اهلڪار ڪنڊيارو پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته ڦر بابت ايس ايچ او کي اطلاع ڏنو پر وٽس پوليس نه پهتي. اهلڪار ٻڌايو ته علائقي جي نوجوانن سندس مدد ڪئي، پر پٽي ڀائرن ڪابه مدد نه ڪئي، جنهن تي ڏک پهتو آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايس پي نوشهروفيروز نوٽيس وٺي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي، ٻي صورت ۾ سندس احتجاج جاري رهندو.

Bookmark the permalink.