تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ڪنڊياروڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌوشاخ۾ٽپوڏئي ڇڏيو

ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان سهڙا شاخ ۾ عورت ٻن ٻارڙن سميت شاخ ٽپو ڏئي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع ملڻ تي آسپاس جي ماڻهن ۽ پوليس پهچي ٽپو ڏيندڙ عورت ۽ 9سالن جي هڪ نياڻي جا لاش ٻاهر ڪڍي ورتا، جڏهن ته عورت جي پنجن سالن جي پٽ کي زندهه ڪڍيو ويو، پوليس موجب سهڙا شاخ ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو زال ياسين طور ٿي وئي آهي، پوليس موجب شاخ ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت جي في الحال سڃاڻپ ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو طور ٿي آهي، وارثن پوليس کي ٻڌايو آهي ته عورت گهران ڪاوڙجي نڪتي هئي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.



Bookmark the permalink.