تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڪنڊيارو ڀرسان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيل نوجوان 18 ڏينهن کانپوءِ گهر پهچي ويو

ڌاڙيلن 35 کان 40 لک رُپيا ڀُنگ گهريو، پاڪ ڪتاب جي واسطي بعد کيس ڇڏي ڏنو: وارث

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان نثار ڪلهوڙو گهر پهچي ويو، نوجوان نثار ڪلهوڙو کي 18 ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي ڪچي مان اغوا ڪيو ويو هو ۽ ان جي وارثن کان لکين رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو، بازياب ٿي گهر پهتل نوجوان نثار جي وارثن ٻڌايو ته 18 ڏينهن اڳ نثار کي عورتاڻي آوز هرکائي اغوا ڪچي مان اغوا ويو، اسان کان پهريان 40 لک پوءِ 35 لک گهريا ويا، غريب هجڻ ڪري اسان گهوٽڪي ۾ قرآن پاڪ گهمايو، رات دير سان اغوا ڪندڙ نوجوان کي ڪپ تي ڇڏي ويا، ڌاڙيلن نوجوان کي 300 رپيا ڀاڙو به ڏنو هو.

Bookmark the permalink.