تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪنڊيارو ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان شادي شده عورت گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار

ڪنڊيارو(رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ڀاڳوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر اندر ويٺل 18 ورهين جي عورت امبرينا زال لکمير ڪلهوڙو کي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي ڀاڳو ديرو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جي سئوٽ احمد علي ڪلهوڙو ٻڌايو ته جوابدار ويجها مائٽ آهن، ساڻن سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان جوابدار ساجد ۽ شعيب فائرنگ ڪري اسان جي عورت کي قتل ڪيو آهي، هوڏانهن ايس ايچ او ڀاڳو ديرو ٻڌايو ته عورت جي شادي چار مهينا اڳ ٿي هئي، مقتول جي والد پيارل ڪلهوڙو ٻڌايو آهي ته جوابدارن مقتولا جي سڱ جي گهر ڪئي هئي، نه ڏيڻ تي هنن اهڙي ڪارروائي ڪئي آهي، وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

Bookmark the permalink.