تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ڪنڊيارو واسي ڳوٺاڻو ڪورونا وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾دم ڏئي ڇڏيو

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو واسي ڳوٺاڻو ڪورونا وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾دم ڏئي ڇڏيو، فوتي جي ايس او پيز تحت تدفين ڪئي ويندي. ڳوٺ علي واهڻ جو رهواسي پورهيت سيد اظهر شاهه ڪورونا وائرس سان جهيڙيندي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت ٿيل ڳوٺاڻي جو مڙهه رات دير سان خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي واهڻ آندو ويو. پورهيت جي فوتگي واري اطلاع تي ڳوٺ ۾سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي، فوتي جي اباڻي قبرستان ۾ايس او پيز تحت تدفين ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فوتي جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.