تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪنڊيارو مان شاگرد پراسرار نموني گم، وارثن پاران ڳولا ۾ مدد جي اپيل

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ نبي ڪليري جو رهواسي يارهين ڪلاس جو شاگرد حسنين پٽ گلشن ڪليري ڪنڊيارو مان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ گم ٿي ويل حسنين ڪليري جي والد ٻڌايو ته پٽ ڪم سانگي ڪنڊيارو شهر آيو هو شام ته واپس گهر نه موٽيو ۽ سندس موبائيل نمبر به بند ٿي ويو ڳولا باوجود پٽ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن سبب هو سخت پريشان آهن هن وس وارن کي پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.

Bookmark the permalink.