تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪنڊيارو: ضياءُ سهتو قتل مامرو: ڊي ايس پي کي ڪيس جي نگراني جو حڪم

ڪنڊيارو(ن پ ا) 17 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ضياءُ سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، مقتول جي ڀاءُ ۽ ڪيس ۾ فريادي ارشادالحق سهتو نوشھروفيروز ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف لغاري سان ملاقات ڪري ڪيس ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ارشادالحق سهتو ايس ايس پي کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر ڪنڊيارو ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيو آھي ان لاءِ ڊي ايس پي ڪنڊيارو امداد سولنگي جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم جوڙي وڃي جنهن جي جواب ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف لغاري ڊي ايس پي ڪنڊيارو امداد سولنگي کي سموري ڪيس جي پاڻ نگراني جو حڪم ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جوابدار ڪيترا به طاقتور ڇو نه هجن پر انهن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، ايس ايس پي چيو ته ڪيس بابت روزاني جي بنياد تي مونکي تفصيل ڏنا وڃن.

Bookmark the permalink.