تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڪنڊيارو شهر ۾ صفائي ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پ پ (ش ڀ) پاران احتجاج

ڪنڊيارو( ن پ ا) ڪنڊيارو شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو پاران ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ ۽ ٽي ايم او خلاف ريلي ڪڍي پبلڪ هيلٿ آفيس ۽ ٽائون آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان موقعي تي ظفر کوسو، منير ابڙو ۽ ٻين چيو ته شهر گندي پاڻي سان ٻڏي رهيو آهي، گندي پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ لڳايل پبلڪ هيلٿ کاتي موٽر بند پيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ سان گڏ شهر ۾ صفائي جي نظام کي درست ڪري ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ روزنو احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.