تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪنري ۾ شهرين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڪين ۽ دٻا کڻي مظاهرو

ڪنري (ن پ ا) پاڻي جي کوٽ خلاف مھاراج ڪالوني، رحمت ڪالوني ۽ سميع الله ڪالوني جي رھواسين ايسر داس مھاراج، حڪمون مل، سروڻ، ڪرشن ڪمار، آڪاش ۽ ٻين ھٿن ۾ پلاسٽڪ جا ڪين ۽ ڏٻا کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعره ھنيا ويا. ان موقعي تي رھواسين جو چوڻ ھو ته گذريل 20 ڏينھن کان پاڻي جي کوٽ آھي پاڻي نه ملڻ ڪري سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھيون.

ھنن جو چوڻ ھو ته انتظاميا طرفان شھر جي خاص علائقن ۾ پاڻي فراھمي جاري آھي ۽ خاص خاص ماڻھن جي گھرن ۾ ٽريڪٽر ٽينڪرن ذريعي پاڻي پھچايو وڃي پيو پر اسان جا پاڙا پوئتي ۽ غريب پاڙا ھئڻ ڪري ڪير پڇڻ وارو ناهي. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي بار بار آگاھ ڪيو آھي پر ڪوبه کڙ تيل نٿو نڪري، اسان پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھيون. ھنن مطالبو ڪيو آھي پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻائي پيدا ٿيل پريشانين کي ختم ڪيو وڃي ۽ خاص ماڻھن کي پاڻي پھچائڻ وارو سلسلو پڻ ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Bookmark the permalink.