تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪنب پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج، ايس ايچ او تي ڦر جو الزام

ڪنب(ن پ ا) ڪنب پوليس خلاف ڳوٺ شاهنواز سولنگي جي رهواسين عاشق حسين سولنگي اڪن سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو ته خيرپور جي سيشن ڪورٽ مان حاضري تان واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن پنهنجي گاڏي تي اچي رهيا هئاسين ته جسڪاڻي اسٽاپ ڀرسان ايس ايچ او ڪنب ۽ پوليس اهلڪار جيڪي سول ڊريس ۾ هئا اسان جي گاڏي جو اڳ ڏئي اسان کان تلاشي بهاني مبينا هڪ لک ستر هزار ۽ چارموبائل فون کسي ورتا ۽ اسانجي نوجوان نويدسولنگي کي گاڏي مان زبردستي لاهي پاڻ سان کڻي ويا ۽ اسان کي خطرو آھي ته ڪٿي اسانجي نوجوان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي يا هاف فراءِ نه ڪري ڇڏين هنن ايس ايس پي خيرپور کان ايس ايچ او ڪنب پوليس جي ناجائزين ۽ نوجوان کي کنڀڻ جو نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪنب پوليس رابطو ڪرڻ تي لاعلمي ظاهر ڪئي.

Bookmark the permalink.