تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪميشن پاس 151 آفيسر 17هين گريڊ ۾ ڀرتي، پوسٽنگ آرڊر جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارش تي صوبائي مينيجمينٽ سروس جي 151 آفيسرن کي17هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪري، کين پوسٽنگ آرڊر جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل آرڊر مطابق آصف علي ڪورائي ، ماروي ڪورائي ۽ سيد فراز علي کي ٽرانسپورٽ کاتي ۾ ايس او،اقصي عباسي ۽ فهد بلوچ کي تعليم کاتي ۾ سيڪشن آفيسر، سائره خان کي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر حيدرآباد، شاهنواز ميراڻي ۽ عبدالسلام کي معدني وسيلن واري کاتي ۾ سيڪشن آفيسر، عارف لغاري کي چيف مانيٽرنگ آفيسر ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايوليشن سانگهڙ مقرر ڪري کيس اي سي شهدادپور جي اضافي چارج پڻ ڏني وئي آهي، عرفان علي نظاماڻي، نزاڪت علي ۽ عون عباس شاه کي زراعت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر، عابد قمرکي ڪوآپريشن کاتي ۾ ايس او، ڀڳوانداس کي تعليم کاتي ۾ تعلقه ايجوڪيشن لاءِ، عبدالقادر مشوري ۽ درياءِ خان چانڊيو کي گهروکاتي ۾ ايس او، نظير حسين کي ٽرانسپورٽ کاتي ۾ ايس او، مظاهر ٻرڙو کي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ ايس او، مهراڻ خان شيخ ۽ سعيده عائشه نقوي کي ثقافت کاتي ۾ ايس او، عبدالخالق ڀنگوار کي اسٽنٽ ڪمشنر پي اينڊ ڊي، ڊي سي آفيس جيڪب آباد، محمد ياسين عباسي کي چيف مانيٽرنگ آفيسر نوشهرو فيروز، منصور علي عباسي، ماها آفتاب ۽ ياسر علي باوجوه کي مڪاني ادارن واي کاتي ۾ ايس او، اسدالله کوکر کي سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڪراچي، عمرن خان سومرو کي گهروکاتي ۾ ايس او، نويد علي عرف مير محمد کوکر کي تعليم کاتي ۾ تعلقه ايجوڪيشن ، مرڪ گل ، محمد خان ۽ مير ارسلان کي ثقافت کاتي ۾ ايس او، محسن علي شيخ کي سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ايس او، ساجد علي پهوڙ کي اقليتن واري کاتي ۾ ايس او، اياز حسين مشوري کي چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ ايس او، احمر آفتاب ميمڻ کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي نوشهرو فيروز، غلام مرتضي گهانگهرو، اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ بدين، ماجد حميد شيخ اطلاعات کاتي ۾ ايس او، سميع الله وڳڻ کي چيف مانيٽرنگ آفيسر قمبر شهدادڪوٽ، فرزانا ميراڻي کي تعليم کاتي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو، عليزه طارق ميمڻ کي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ٽنڊوالهيار، راشد علي چنا، عبدالواحد آريسر ۽ وسيم مهر کي بين الصوبائي معاملن واي کاتي ۾ ايس او، حاطف سيال ۽ عمران گوهر کي زڪوات کاتي ۾ ايس او، محسن رضا دشتي بلوچ کي چيف مانيٽرنگ آفيسر سجاول، فرحان حسين پنهور، سڪندر علي مهيري کي زراعت کاتي ۾ ايس او، رضا علي، پرٿوي سريش ملاڻي ۽ علي محمد ميمڻ کي آبپاشي کاتي ۾ ايس او، رجب علي کي سيڙپڪاري کاتي ۾ ايس او، ارم ڪريم کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي ميرپورخاص، سيد جنيد علي ۽ محمد لياقت کي ايس او ورڪس اينڊ سروسز، شفيق احمد ڪونڌر ۽ آغا شاهزيب خان تعليم کاتي ۾ سيڪشن آفيسر، سيد علي رضا شاه آءِ ٽي کاتي ۾ ايس او، حاظم علي ڀنگوار، نعمت الله چاچڙ ۽ اسد ڪريم کي زراعت کاتي ۾ ايس او، فهد علي آبپاشي کاتي ۾ ايس او، ڀرت ڪمار کي تعليم کاتي ۾ تعلقه آفيسر، سيد وجاهت علي خوراڪ کاتي ۾ ايس او، منيب سومرو، عاشق علي سولنگي کي تعليم کاتي ۾، صفيه کي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر مٽياري، مهوش ۽ اختر لاشاري کي چوپائي مال واي کاتي ۾ ايس او، راشد علي کي سروسز اينڊ جنرل ايدمنسٽريشن ۾ ايس او، ريحان ڏيٿو کي تعليم کاتي ۾ ايس او، الطاف منگي، راجا درياءِ خان قريشي ۽ سنجئه ڪمار ميگهواڙ کي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي ۾ ايس او، علي گوهر مهيسر کي ڪاليج کاتي ۾ ايس او، محمد عديل سومرو کي وڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ ايس او، روشن علي ڪنڀر کي پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ايس او،شعبان شيخ ۽ عبدالوهاب ميمڻ کي قانون واري کاتي ۾ ايس او، ڪائنات شيخ کي تعليم کاتي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ڪوٽڙي، نجيب الله ۽ سرمد مهرکي زڪوات کاتي ۾ ايس او، زاهد حسين ملاح ۽ وردا ناياب کي پاپوليشن کاتي ۾ ايس او، اختر علي باجڪاڻي، محمد ڪاشف کوسو ، طوبيٰ ارم قريشي۽ غلام فاطمه عرف ڪومل کي ناڻي کاتي ۾ ايس او، حمير احمد، بخت علي ۽ سمير علي کي ڪاليج واي کاتي ۾ سيڪشن آفيسر، حماد احمد زرداري کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ٽنڊوالهيار، حنين طارق کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي عمرڪوٽ، مهوش ٻرڙو کي چيف مانيٽرنگ آفيسر حيدرآباد، گل فيصل الاهي سرواڻي کي ڪوآپريشن کاتي ۾ ايس او، سورٺ مظهر ابڙو کي چيف مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻي طور مقرر ڪري کيس اي ڊي سي ٽو لاڙڪاڻي جي اضافي چارج پڻ سونپي وئي آهي، جتي اڳواٽ موجود عباس علي هٽايو ويو آهي، شائسته سنڌو ميرا ڻي کي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سکر ، محمد طارق ڪاڪا کي ٽي اي او ميرپورخاص، ديپڪ ڪمار، سعيد احمد ميمڻ ۽ زين العابدين کي تعليم کاتي ۾ ايس او، سڪندر علي رستماڻي کي ماحولياتي تبديلي واري کاتي ۾ ايس او، نعيم شريف چانڊيو کي ٽي اي او مقرر ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري تعليم، فراز احمد عباسي ، سيد طحه احمد، انساني شيخ ۽ نيها شاه کي توانائي کاتي ۾ ايس او، عبيدالرحمان ۽ ڪنول ڪوثر کي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي ۾ ايس او، رابيعه عبدالرحمان کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ايس او، بلال علوي عبدالمنان ، محمد اسد، سنيل ڪمار،سعيد احمد، رميز راجا، رفيع الله ، بلاول حامد فاروقي، سني ڪمار، حسنين رضا، عدنان منير تنيو، مٺاخان ۽ علي رضا کي تعليم کاتي جي سيڪريٽري جي ڊسپوزل، زرار خان ۽ شاه محمد کي ڪول انرجي کاتي ۾ ايس او،بشرا منظور کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ سکر،فرح سمون کي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر حيدرآباد، وليد ڏاوچ کي چيف مانيٽرنگ آفيسر اوڀر ڪراچي، ڪاشف علي کي چيف مانيٽرنگ آفيسر گهوٽڪي، حفظا فاطمه کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي ٽنڊو محمد خان، شازيا گل جوکيو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو،ڪنزه سعيد کي عورتن کي ڪم واري جاءِ تي حراسان ڪرڻ واري محتسب جي آفيس ۾ ايس او، ماروي لغاري کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي ڄامشورو، صبا ڪلوڙ کي تعليم کاتي سکر ۾، سمعيه خان ۽ عاشق حسين جتوئي کي ٻيلي کاتي ۾ ايس او. ردا ٽالپر کي تعلقه ايجوڪشن آفيسر ٽنڊو محمد خان، شان علي کي خوراڪ کاتي ۾ سيڪشن آفيسر، نائله کٽياڻ کي ٽي اي او حيدرآباد، امبر راڻا چيف مانيٽرنگ آفيسر ميرپورخاص، رضا محمد کي صحت کاتي ۾ ايس او، صوبيا عابد کي ٻيهر بحالي واري کاتي کي ۾ ايس او، سرمد علي شيخ کي اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڪنڌڪوٽ ڪشمور، اقراءِ ڀٽي کي ٽي اي او لاڙڪاڻو، ثمرينا اسلم راجپوت کي ٽي اي او مٽياري، محمد سالڪ نويد کي انساني حقن واري کاتي ۾ ايس او، غلام علي چيف مانيٽرنگ آفيسر ملير، جويريا لغاي کي مٽياري ۾ ٽي اي او ۽ عائشه سحر کي راندين واري کاتي ۾ ايس او طور مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ڀرتي ٿيل سمورن آفيسرن کي ٻن سالن جي پروبيشن مدي تي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سندن جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي سمورا آفيسر هڪ حلف نامو جمع ڪرائيندا ته سندن ڪنهن به سرٽيفيڪيٽ يا ڪاغذ جعلي هجڻ جي صورت ۾ اهي ذميوار رهندا.

Bookmark the permalink.