تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

ڪمند جو اگهه 220 رپيا ڏياري شگر ملون هلايو: آبادگارن جون گورنر کي دانهون

آبادگارن جي وفد گورنر سان ملاقات ڪري ڪرشنگ سيزن شروع نه ٿيڻ بابت آگاهي ڏني

ڪمند جو اگهه 220 رپيا مقررڪري ملون هلائي نقصان کان بچايو: علي پلهه

ڪراچي/ حيدرآباد(نمائندن وٽآن )سنڌ حڪومت ڪمند جا اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ شگرڪين بورڊ جو اجلاس گھرائڻ ۾ ناڪام، آبادگارن جي گورنر سان ملاقات، گورنر پاران ڪمند معاملي تي وڏي وزير ۽ وزيراعظم سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي وئي ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ ڪائونسسل(سارڪ)، فارمر آرگنائيزيشن ڪائونسل، سنڌ آبادگارن ايسوسيئيشن ۽ ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن علي پلهه، طارق محمود آرائين، جاويد جوڻيجو، زاهد نون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورنر هائوس ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي. آبادگارن پاران گورنر کي ڪمند جي اگھن ۽ شگر ملن جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. آبادگارن جو چوڻ هو ته سرڪار اڃا اگهه طئه ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري ڪرشنگ سيزن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پرڳڻي جي ننڍن آبادگارن سان ڪيترن سالن کان زيادتي ڪري رهي آهي، وفد گورنر کي اپيل ڪئي ته شگر مِلون وقت تي هلايون وڃن، جڏهن ته ڪمند جو اگهه في مڻ 220 رپيا مقرر ڪيو وڃي. گورنر عمران اسماعيل وفد کي خاطري ڪرائي ته هو وزيراعظم ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان رابطو ڪري آبادگارن جي مسئلن ۽ ڪمند جي معاملن تي ڳالهائيندو. هوڏانهن زراعت واري سيڪريٽري آغا ظهيرالدين رابطو ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت به ڪمند جا اگھه مقرر ناهن ڪيا، اسان گذريل اجلاس ۾ پڻ آبادگارن کي يقين ڏياريو هو ته پنجاب جا اگھه مقرر ٿيڻ شرط ئي اجلاس گھرائي سنڌ ۾ ڪمند جا اگھه مقرر ڪنداسين. جيڪڏهن پنجاب سرڪار اگھن جي مقرري ۾ دير ڪري ٿي ته پوءِ ايندڙ هفتي شگر ڪين بورڊ جو اجلاس گھرائي اگھن سميت آبادگارن جي ٻين خدشن تي غور ڪبو ٻئي طرف ڪين ڪمشنر جاويد مهر “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته شگر ڪين بورڊ جو چيئرمين زراعت وارو سيڪريٽري آهي. ان ڪري اجلاس يا اگھه مقرر نه ٿيڻ بابت سيڪريٽري ئي ڪجهه ٻڌائي سگھي ٿو.

Bookmark the permalink.