تازا ترين
  • *ڊکڻ ڀرسان شرپسندن مبينا طور سارين جي ٽن ديرن کي باهه ڏئي ڇڏي، آبادگار پريشان*
  • *ڪوٽڙي: لوڻي ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، حيدرآباد واسي 4 ڄڻا زخمي * ڪوٽڙي: زخمين ۾ حيدرآباد جي سبزي منڊي واري علائقي جا رهواسي عباس علي گدي، فرمان علي گدي، عمر علي ۽ شاهد گدي شامل *
  • *سکر: نيب سکر پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر خلاف سرڪاري زمين پنهنجي نالي ڪرائڻ وارن الزامن جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو * سکر: نيب سکر جي اختيارين جاچ شروع ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين کان اجازت گهري ورتي: ذريعا *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڪوچ جو سائيڪل کي ٽڪر، 13 سالن جو معصوم نينگر شهباز پٽ قمرالدين ڀٽو فوت ٿي ويو*
  • * قاضي احمد لڳ 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي زاھده ڌيءُ صحبو خان مري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي *
  • *جيڪب آباد: رستم جي پنهوار ۽ بنگلاڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو جيڪب آباد ۾ جرڳو، هڪ خون جا 47 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * جيڪب آباد: بنگلاڻي برادري تي هڪ شخص جو خون ثابت ٿيو، خون بها 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي * جيڪب آباد: بيگناهه قتل جا وڌيڪ 15 لک ۽ لاش جي تذليل جا به 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو *
  • *ور شهر: صبح کان گم ٿيل نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ * ور شهر: معصوم نينگري دعا ولاسيو جو لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ آيو، نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي: وارث *
  • *ڪراچي: دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين، ڪيس جو مختلف رُخن ۾ جائزو ورتو پيو وڃي: ڪراچي پوليس * ڪراچي: هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪري ورتي آهي: ڪراچي پوليس جو ترجمان * ڪراچي: شهرين کي اپيل آهي ته ڪيس لاءِ اطلاع هجي ته ويجهو موجود ٿاڻي تي ٻڌائين: بيان *
  • *اسلام آباد: هن سال 104 ماڻهو قتل ۽ 121 اغوا ٿيا: گذريل سال ٻارن سان جنسي زيادتي جا 29 واقعا رجسٽر ٿيا: وفاقي گهرو کاتو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي گهرو کاتي طرفان ڏوهن بابت انگ اکر پيش ڪيا ويا * اسلام آباد: وفاقي گهرو کاتي طرفان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جي دعويٰ *
  • *اسلام آباد: بشير ميمڻ کي هٽائڻ وارو مامرو قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو: وفاقي سرڪار جواب نه ڏنو*
  • سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا مامرا عدالت ۾ ڇو ٿا آڻيو ؟ 10 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز مقرر ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*پارليامينٽ کي وڏا اشوز حل ڪرڻا آهن، هي ته ميمبرز جي مقرري آهي، هر ميمبر ڪوشش ڪري ته پارليامينٽ جو معاملو عدالت ۾ حل نه ٿئي*وفاقي سرڪار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان مهلت جي استدعا: عدالت 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي*
  • وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي (ن ليگ اڳواڻ) ٻئي پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪن: عدالت*
  • نئون چيف اليڪشن ڪمشنر:وزيراعظم3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا*عمران خان طرفان تجويز ڪيل نالن ۾ بابر يعقوب، فضل عباس ۽ عارف خان شامل*

ڪمند جا اگهه پنجاب کان وڌيڪ مقرر ڪنداسين: زراعت کاتي جي وزير ماڪڙ مار اسپري ۾ لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو ماڪڙ هٿان فصل ناس ٿيڻ جو اعتراف ڪندي ماڪڙ مان جان ڇڏائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي. اسماعيل راهو چيو آهي ته سروي کانپوءِ نقصان جي معاوضي جي سفارش ڪئي ويندي، وفاقي سرڪار هڪڙو جهاز ڏنو، اُن جو به رڳو تيل ختم ٿي وڃي ٿو.
اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪمند جا اگهه اڃا تائين مقرر نه ٿيڻ ۽ صوبي ۾ ماڪڙ مار اسپري مهم شروع نه ٿيڻ بابت سوال پُڇيا ويا، جِن جا جواب ڏيندي زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو دعويٰ ڪئي ته سنڌ سرڪار پنجاب جي ڀيٽ ۾ ڪمند جا وڌيڪ اگهه مقرر ڪندي، ڪمند جا اگهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مقرر ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته گذريل سال ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رُپيا مقرر ڪيو ويو هو. عارف مصطفيٰ جو چوڻ هو ته ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ عوامي حڪومت آهي، تنهن ڪري ڪمند جو في مڻ اگهه اڍائي سئو رُپيا مقرر ڪيو وڃي.
ماڪڙ مار اسپري مهم تي حڪومت جو جواب
جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي جي سوال تي جواب ڏيندي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ماڪڙ مار اسپري جي حوالي سان وفاقي سرڪار کي ڪيترائي ڀيرا خط لکيا،جڏهن ته فيڊرل پلانٽ پروٽيڪشن وارن کان به 2 ايئر ڪرافت گهريا. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ مار اسپري لاءِ رڳو هڪڙو ايئر ڪرافٽ موڪليو ويو، اُن جو به تيل ختم ٿي وڃي ٿو، ڪڏهن وري دوائون ختم ٿي وڃن ٿيون، جِن دوائن سان اسپري ٿي رهيو آهي، اهي ماڪڙ کي مارڻ نه پر ڀڄائڻ واريون آهن.
وفاق کي هڪ ڪروڙ رُپيا ڀاڙي جا به ڏئي ڇڏيا
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو دعوي ڪئي ته وفاقي سرڪار طرفان جهازن جي ڀاڙي لاءِ هڪ ڪروڙ رُپيا گهريا ويا، اُهي به ڏئي ڇڏيا، وري چيو ويو ته دوائن لاءِ پئسا نه آهن، ڊسمبر جي آخر ۾ گرانٽ جاري ٿيندي، سنڌ حڪومت پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪري چڪي آهي.
نومبر ۾فصلن کي گهڻو نقصان ٿيو
زراعت کاتي جي صوبائي وزير سنڌ اسيمبلي ۾ اعتراف ڪيو ته نومبر مهيني ۾ ماڪڙ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته آڪٽوبر ۽ اُن کان اڳ گهڻو نقصان نه ٿيو هو. هُن چيو ته ماڪڙ سبب فصلن کي ٿيل نقصان جي سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اُن کانپوءِ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.