تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ڪمشنر حيدرآباد پاران حيسڪو کي برساتن کان بجلي جي نظام کي بهتر بنائڻ جي هدايت

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد حيسڪو اختيارين کي سانوڻي جي برساتن کان اڳ بجلي جي فراهمي واري نظام کي بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ پنهنجي آفيس ۾ سانوڻي جي برساتن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ حيسڪو جي چيف ايگزيڪيٽو عبدالحق ميمڻ سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ڪمشنر حيسڪو چيف کي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته امڪاني برساتن دوران برساتي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ شهر جي اهم پمپنگ اسٽيشنن کي ڊبل فيڊرز تي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن هڪ فيڊر جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ٻئي فيڊر تان ساڳئي پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. هن حيسڪو چيف کي برساتن کان اڳ پنهنجن سمورن فيڊرن جي مرمتي ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته سمورا ڪم برساتن کان اڳ مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن بجلي جو نظام بنا ڪنهن رنڊڪ جي بحال رهي.

Bookmark the permalink.