تازا ترين
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

ڪشمير ترڪي لاءِ اوترو اهم آهي، جيترو پاڪستان لاءِ، مسئلي جو حل جبري پاليسيز نه، پر انصاف ۾ آهي: ترڪ صدر

پاڪستان جي دوري تي پهتل ترڪ صدر رجب طيب اردگان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، پرجوش مهمان نواز تي ٿورا مڃيا

پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪي جو ساٿ ڏنو، ايف اي ٽي ايف ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايان ٿو: اردگان جو خطاب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڪشمير جي حيثيت ترڪي لاءِ اوتري آهي، جيتري پاڪستان لاءِ آهي. پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتل ترڪ صدر رجب طيب اردگان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، دوران هُن چيو ته ڪشمير جي حيثيت جيتري پاڪستان لاءِ آهي؟ اوتري اهميت ترڪي لاءِ به آهي. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ گڏيل اجلاس دوران پاڪستان جي عوامي نمائندن ترڪ صدر جي آجيان ڪئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خصوصي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته، هو پارليامينٽ کي خطاب جو موقعو ڏيڻ ۽ پرجوش مهمان نوازي تي پاڪستاني قوم جو ٿورائتو آهي. هُن لاءِ پاڪستان ٻيو گهر آهي ۽ هتي اچي ڪڏهن به پاڻ کي غير محسوس نه ڪندو آهي.
پنهنجي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته ڀارت جي هڪطرفن قدمن جي نتيجي ۾ ڪشميري ڀائر تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪشمير مسئلي جو حل جبري پاليسيز نه، پر انصاف جي فراهمي سان ممڪن آهي. ماضي جيان مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ ترڪي جو گڏيل سهڪار جاري رهندو. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، دٻاءُ باوجود پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايان ٿو.

Bookmark the permalink.