تازا ترين
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

ڪشمور: ڪڻڪ تي وائرس جو حملو، فصل سوڪهڙي جو شڪار، آبادگار پريشان

هفتو اڳ فصل تي وائرس جو حملو ٿيو، اسپري ڪيو آهي پر وائرس جو خاتمو اچي ناهي سگهيو: آبادگار

فصل جي سڪڻ بابت زراعت کاتي جي عملدارن کي اطلاع ڏنو آهي پر اڃا تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو

ڪشمور(رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور ۽ ڀرپاسي ڪڻڪ جي فصل تي وائرس جي حملي سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود زراعت کاتي جي عملدارن ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. خبر موجب ڪشمور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪڻڪ جي بيٺل فصل تي خطرناڪ وائرس حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. آبادگارن عطاءُ الله مزاري، قابل جکراڻي، غلام علي مزاري، خير محمد سولنگي، شوڪت شر، محبوب علي سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هڪ هفتو اڳ فصل تي وائرس جو حملو ٿيو، جنهن بعد اسپري به ڪيو آهي پر وائرس جو خاتمو اچي ناهي سگهيو. هنن چيو ته فصل جي سڪي وڃڻ بابت زراعت کاتي جي عملدارن کي پڻ اطلاع ڏنو آهي پر اڃا تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو ۽ نه ئي ڪي وائرس کان بچاءَ جي قدم کنيا ويا آهن. آبادگارن موجب وائرس سبب فصل سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته في ايڪڙ پيداواري اپت 20 کان 25 مڻ مس لهندي، جنهن سان ڀاڻ ۽ ٻج جو خرچ نڪرڻ به مشڪل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ تي حملو ڪندڙ وائرس جي خاتمي لاءِ تڪڙا قدم کڻي فصل کي بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.