تازا ترين
  • *ميهڙ ۾ ٽن ڏينهن کان نوجوان گُم: وارثن کي اغوا جو شڪ*
  • *روهڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جيڪب آباد واسي ڪُهي قتل*

ڪشمور۾ 49 ڊاڪٽر ڊيوٽي چور نڪتا، لسٽ چيف سيڪريٽري حوالي

ڊي ايچ او ڊاڪٽرن ڏانهن ڊيوٽي تي اچڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيا پر موٽ نه ملي

ڪيترائي ڊاڪٽر پنهنجي ڪلينڪن ۽ نجي اسپتالن ۾ ويٺل، 49 ڊاڪٽرغيرحاضر لسٽ پڌري

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪشمور ضلعي ۾ ڊيوٽي نه ڪندڙ 49 ڊاڪٽرن جي لسٽ جاري، سيڪريٽري صحت ۽ چيف سيڪريٽري حوالي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري صحت پاران ڊي ايچ او ڪشمور- ڪنڌڪوٽ کي سڀني ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي يقيني بڻائڻ ۽ ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي جي حڪم کانپوءِ ڊي ايچ او ڊيوٽي نه ڪندڙ 49 ڊاڪٽرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ڊي ايچ او چيو آهي ته سيڪريٽري صحت سختي سان هدايت ڪئي آهي ته جيڪي ڊاڪٽر اسپتالن ۾ ڊيوٽي نه پيا ڪن، انهن جي اسپتالن ۾ حاضري يقيني بڻائي مريضن کي سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙي سيڪريٽري جي حڪم بعد ڊيوٽي نه ڪندڙ 49 ڊاڪٽرن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر نارائڻ داس، ڊاڪٽر انعم، ڊاڪٽر شاهه جهان مريم، ڊاڪٽر سنجيت ڪمار، ڊاڪٽر سيف الله، ڊاڪٽر تابنده، ڊاڪٽر ايڪتا، ڊاڪٽر حميده، ڊاڪٽر ورکا، ڊاڪٽر ونيشا، ڊاڪٽر پونم، ڊاڪٽر راجا سنديپ، ڊاڪٽر پريا ٻائي، ڊاڪٽر پٺاڻ خان، ڊاڪٽر راڪيش ڪمار، ڊاڪٽر جمع، ڊاڪٽر اشتياق احمد، ڊاڪٽر غلام فاطما، ڊاڪٽر راجيش، ڊاڪٽر سميت ڪمار، ڊاڪٽر گيتا ٻائي، ڊاڪٽر عبدالله، ڊاڪٽر ڪومل، ڊاڪٽر ونود، ڊاڪٽر منوج، ڊاڪٽر گل محمد، ڊاڪٽر روي ڪمار، ڊاڪٽر فاروق، ڊاڪٽر خدابخش، ڊاڪٽر سنديپ، ڊاڪٽر عنايت الله، ڊاڪٽر عبدالڪريم، ڊاڪٽر ياسر علي، ڊاڪٽر رياض حسين، ڊاڪٽر عبدالڪريم پٽ محمد مراد، ڊاڪٽر مقصود احمد، ڊاڪٽر اياز علي، ڊاڪٽرآفتاب علي، ڊاڪٽر محمد مقيم، ڊاڪٽر فرخ، ڊاڪٽر ڪرشنا، ڊاڪٽر بخت علي، ڊاڪٽر مير احمد، ڊاڪٽر سگهڙ ڪمار پٽ اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر سويتا ٻائي ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن ۾ شامل آهن. ڊي ايچ او پاران لسٽ جاري ڪرڻ کان اڳ ليٽر اماڻڻ باوجود 49 ڊاڪٽرن مان هڪ به ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ نه پهتو ۽ هنن سيڪريٽري صحت ۽ ڊي ايڇ او جي ليٽر کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو. مليل ڄاڻ مطابق 49 ڊاڪٽر پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ ويا هئا، جيڪي مدو پورو ٿيڻ بعد به ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ نه پهتا آهن. صحت کاتي پاران انهن کي 20 سيپٽمبر تائين پنهنجي پنهنجي اسپتالن ۾ پهچڻ جو حڪم مليو پر هو ان باوجود ڊيوٽي تي نه پهتا آهن. مليل ڄاڻ مطابق 49 ڊاڪٽرن مان ڪيترائي پنهنجي نجي ڪلينڪن تي ويٺل آهن. ڪيترائي نجي اسپتالن ۽ مختلف پراجيڪٽس ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايچ او ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري پاران هدايتون مليون آهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي حاضري يقيني بڻائي وڃي ۽ ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي وڃي. هن چيو ته ڊاڪٽر بااثرن جي پٺڀرائي سبب سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽي نه پيا ڪن پر نجي اسپتالن ۽ پراجيڪٽس ۾ ڪم ڪندا آهن. ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽر جي لسٽ ظاهر ڪئي، جيڪا چيف سيڪريٽري کي لسٽ به اماڻي وئي آهي. هن چيو ته ضلعي هيڊڪواٽر اسپتال ۾ ٻارن جو وارڊ خالي آهي ۽ اهو ڊاڪٽر فيملي پلاننگ پراجيڪٽ ۾ ڪم پيو ڪري، جنهن جي شڪايت به چيف سيڪريٽري کي ڪئي آهي ۽ اهڙن ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڪنڌڪوٽ ضلعي هيڊڪواٽر سول اسپتال ۾ ٻارن جو وارڊ خالي پيل آهي، جڏهن ته اتي مقرر ڊاڪٽر وويڪ کيٽپال ڊي سي آفيس ۾ فيملي پلاننگ بابت پراجيڪٽ جو فوڪل پرسن بڻيل آهي. ٻارن جو ماهر ڊاڪٽر موجود نه هئڻ سبب شهري نجي اسپتالن ۽ ڪلينڪن تي وڃڻ تي مجبور آهن.

Bookmark the permalink.