تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ڪشمور جي ناٽڪ منڊلي بند، فنڪار فني دنيا ڇڏي پورهيو ڪرڻ تي مجبور

شهر ۾ ناٽڪ منڊلي جو بنياد 1985ع ۾ پيو، ضلعي جي اسڪولن، توڙي سينيما گهرن ۾ اسٽيج ناٽڪ ڪري فنڪار سماج اندر سجاڳي پيدا ڪندا هئا

ناليوارا فنڪار علي گل ملاح، ذوالفقار اترادي، افق بشير چنا، سڌير شيخ، علي حسن سومرو، داد لاشاري، ساجن سولنگي،رياض راھي فن جو مظاهرو ڪري چڪا

ڪشمور (رپورٽ: محمد شريف ڄامڙو) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اسٽيج ڊراما ڪيترن ئي سالن کان بند پيل، ڪيترائي اداڪار فن جي دنيا کي الوداع چئي ويا. پورهيو ڪري گذر سفر ڪرڻ تي مجبور. ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اسٽيج ڊراما ناٽڪ منڊلي ڪيترن ئي سالن کان بند 1985ع ۾ ڪشمور ضلعي ۾ قمر شهباز اسٽيج ڊرامن جو وجود وڌو ڪيترن ئي اداڪارن فنڪارن پنهنجي فن ذريعي اسٽيج ناٽڪ منڊلي پروگرامن کي ڪاميابي جي منزل تي پهچايو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اسڪولن، توڙي سينيما گهرن ۾ ٿيندڙ اسٽيج ناٽڪ پروگرام عوام جي دلين تي راڄ ڪيو، ذوالفقار اترادي، علي گل ملاح، افق بشير چنا، لالا سڌير شيخ، علي حسن سومرو داد لاشاري، ساجن سولنگي،رياض راھي، بابو جان بلوچ، ڪنڌڪوٽ جي اداڪارن ۾ پنھل منگي، ثناءُ الله ميراڻي، واحد رضا سھرياڻي، علي گل ملاح، سڪندر ڀيو، ۽ ٻين ڪامياب اسٽيج ڊراما ڪيا اسٽيج ڊرامن ۾ ماروي، ڪوڙو ڪشموري، احساس، قيدياڻي، عشق نه پڇي ذات، ڄٽ جو پٽ وڏي مقبوليت ماڻي،سرڪار طرفان سھڪار ۽ دلچسپي نه ھجڻ اسٽيج اداڪارن جي ثقافت کاتي طرفان اسٽيج ڊرامن توڙي ناٽڪ منڊلي جي ڪردار نڀائيندڙ اداڪارن جي سار نه لھڻ سبب ڪيترائي نالي وارا اداڪار پنهنجي فن جي دنيا کي الوداع ڪري ويااسٽيج ڊرامن جي اداڪارن کي فن جي مڃتا نه ملڻ سرڪار طرفان مالڪي نه ٿيڻ بيروزگاري ھئڻ ڪري اسٽيج ڊرامن ناٽڪ منڊلي اداڪار مايوس بڻجي ويا فن کان ھڪ پاسي ٿي محنت پورھيو ڪري گذر سفر ڪرڻ لڳا آهن.

Bookmark the permalink.