تازا ترين
  • *راڌڻ: ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آصفه جانوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش*
  • *ڪراچي: آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو * ڪراچي/حيدرآباد: ميرپورخاص شهر جي نينگر عرفان سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو نينگر ريحان کي پوليو جي تصديق *
  • *ڪراچي: اڻڄاتل ماڻهن عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ يادگارِ شهداء کي ڊاهي ڇڏيو * ڪراچي: نسل پرست طبقو ان تخريبڪاري ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، شرافت کي بزدلي ۽ ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: خالد مقبول صديقي *
  • *ڪراچي: سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جون پاڙون مافيه جيان مضبوط ٿي ويون آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سيشن ججز کي حڪم * ڪراچي: عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاليسي موجب جديد تعليم لاءِ 11 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هر ٽئين مهيني بعد اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم * ڪراچي: پاليسي لاڳو ڪندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ نه ٿا پڙهن، تنهنڪري نظر انداز ڪيو ويو، ناڪامي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي: عدالت *
  • *ٽنڊي آدم ۾ ڀيڻ کي طلاق وٺرائڻ تان ڀيڻيوي تنوير چشتي پسٽل جا فائر ڪري سالَي 35 ورهين جي منور چشتيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو * ٽنڊوآدم: جوابدار تنوير گهرواري تي تشدد ڪندو هو، مقتول خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي: وارث * ٽنڊوآدم: واقعو گهرو اڻبڻت جو نتيجو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن: پوليس *
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

ڪشمور تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جي جاچ مڪمل، ڪامورن تي گهپلا ثابت

نيب سکر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۽ تعليم کاتي جي 23 عملدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو

ڊي اي او عبدالعزيز بلو ۽ ٻين جعلي آءِ ڊيز ذريعي 6 ڪروڙ جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو: نيب ذريعا

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) نيب سکر تعليم کاتي ڪشمور ۾ ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي. جعلي آءِ ڊيز ذريعي سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو انڪشاف. نيب 6 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۽ تعليم کاتي جي 23 عملدارن خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. عدالت نامزد ڄاڻايل جوابدارن ڏانهن نوٽيس جاري ڪري 19 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سکر جي ٽيم تعليم کاتي ڪشمور ۾ ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي نيب ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالعزيز بلو سميت تعليم کاتي ۽ اڪائونٽس آفيس جي 23 عملدارن خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب ذريعن موجب نيب ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي تعليم کاتي ڪشمور ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالعزيز بلو ٻين جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري ملازم ڄاڻائي جعلي آءِ ڊيز ذريعي 6 ڪروڙ روپين جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو آهي. نيب ذريعن موجب ريفرنس ۾ اڪائونٽ آفيسر عبدالعزيز بلو. غلام مصطفي لاشاري، دانش نور دايو، عبدالرحمان، شبير احمد عباسي، نياز حسين ڊومڪي، اعجاز اهمد ملڪ، عطا محمد ملڪ، بخش علي ملڪ، در محمد، همت علي سومرو. عدنان قاضي. سرفراز گهانگهرو. محمد حسن چاچڙ ۽ ٻين عملدران کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته عدالت نيب ريفرنس ٻڌڻي لاء منظور ڪندي ريفرنس ۾ نامزد جوابدار ڄاڻايل عملدران ڏانهن نوٽيس جاري ڪندي 19 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Bookmark the permalink.