تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪسٽم عملي جي ڪارروائي، فيڪٽري مالڪ خلاف ڪيس داخل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪسٽم ڪليڪٽوريٽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم نوري آباد ۾ ڪسٽم جي خانگي گدام مان 170 ملين رپين جي ماليت جي اسٽيل پائيپ جي چوري، 39 ملين رپين جي ماليت جي سرچارج، ٽيڪس ۽ ڊيوٽي ادا نه ڪرڻ خلاف هڪ فيڪٽري جي مالڪ تي ڪيس داخل ڪري چوري ٿيل پائيپ هٿ ڪري ورتا آهن. ڪسٽم ترجمان مطابق اهو ڪيس ميسرز حماد سيم ليس پائيپ فيڪٽري جي مالڪ/ سي اي او حافظ عبدالماجد، چيف فنانشل آفيسر ۽ ٻين خلاف ڪسٽم ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪسٽم اختيارين 15 سيپٽمبر تي نوري آباد ۾ واقع گدام تي ڇاپو هڻي چوري ٿيل پائيپ هٿ ڪيا هئا. بعد ۾ اختيارين جي منظوري کانپوءِ واقعي جو ڪيس ڪسٽم جي انسپيڪٽر عبدالمجيد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.