تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪرپشن ڪيس جي 67 جوابدارن مان 61 ڄڻن ضمانتون ڪرائي ورتيون

ڄامشورو: هفتو اڳ اينٽي ڪرپشن پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل 70 ڪروڙن جي ڪرپشن جي معاملي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار سميت 67 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس ۾ هن وقت تائين 61 جوابدارن عبوري ضمانتون ڪرائي ورتيون آهن. ان ڏس ۾ سرڪل آفيسر ساجد ڀٽو ٻڌايو ته 67 جوابدارن مان 61 جوابدارن ضمانتون ڪرائي ورتيون آهن، جڏهن ته 6 ٺيڪيدار ڪمپنين جا مالڪ آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن پاران گرفتار ڪيل جيولاجي شعبي جي پروفيسر اصغر هڪڙو راجا ڏاهر پڻ رمانڊ تي پوليس حوالي آهي جنهن جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تي رکي وئي آهي.

Bookmark the permalink.