تازا ترين
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

ڪرونڊي ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو، ڪهاڙي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي

ڪرونڊي (ن پ ا ) ڳوٺ غلام رسول سانگي ۾ مبينا فصل جي ڀيل تان جهيڙي دوران ڪهاڙي لڳڻ سبب گلشن سانگي پٽ شاهنواز زخمي ٿي پيو، جنهن کي پڪاچانگ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. اڪري چودڳي ٿاڻي تي آصف سانگي، عليم الله سانگي ۽ غلام فاروق سانگي تي اين سي داخل ڪئي وئي. پوليس موجب زخمي کي ليٽر ڏئي علاج لاءِ اسپتال موڪليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته زخمي ڌر جي ماڻهن موجب فصل جي ڀيل تان معاملو ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.