تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ڪرمپور ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو، هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ، نوجوان مرڻينگ

ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ويجهو جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان ڇتي فائرنگ، هڪ نوجوان مرڻينگ. ڳوٺ منظور بجاراڻي ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان عبدالجبار جعفري سخت زخمي ٿي پيو. ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان هڪ ڪلاڪ تائين ڇتي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس پهچي ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙس سان رابطو ڪيو، جن جي مداخلت تي فائرنگ بند ڪئي وئي. نوجوان جي زخمي ٿيڻ بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون. ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

Bookmark the permalink.