تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪرمپور مان اغوا ٿيل 5 ڄڻن جي آزادي لاءِ ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، ڪا به گرفتاري نه ٿي

اسان جي ٻچڙن جي حياتين کي خطرو آهي، جلد کين بازياب ڪرايو وڃي: وارث

نصيرآباد ڀرسان 13 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليس اهلڪار جو پُٽ ارشد شيخ بازياب نه ٿيو

ڪرمپور/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) ڪرمپور مان اغوا ٿيل 5 ڄڻن جي آزاديءَ لاءِ ڪچي جي علائقن ڳڙهي تيغو ۽ جنگڻ ۾ پوليس جو آپريشن جاري، ڌاڙيلن جي چنبي مان مغوي ڇڏائڻ لاءِ جاري آپريشن ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس شامل آهي، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ماڻهن جي حياتين کي خطرو آهي، کين جلد کان جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي پاسي نصيرآباد ڀرسان 13 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليس اهلڪار جو پُٽ ارشد شيخ بازياب نه ٿيو، نينگر جي بازيابي لاءِ پوليس جا مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا پر نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو.

Bookmark the permalink.