تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪرمپور بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار تيز، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ

ڪرمپور ( ن پ ا) ڪچي واري علائقي ۾ بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان اڄ صبح جو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل رحمت الله تيغاڻي واري واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا آهن ڌرين پاران جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي. پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ 10 سالن کان خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان بجاراڻي برادري جي ماڻهن رحمت الله تيغاڻي کي قتل ڪيو ويو هي جڏهن ته ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو ڪا نئين ڳالھ ناهين اهو روز جو معمول آهي. ياد رهي ته ڏھ سال اڳ ڏوهاري جي مارجڻ تان بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري ۾ شروع ٿيل خوني تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا 42 ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

Bookmark the permalink.