تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

ڪرمپور: آئسوليشن وارڊ ۾ سهولتون اڻلڀ، شڪي مريضن جي ٽيسٽ نه ٿي، عملو پريشان

قرنطينه سينٽر ۾ ڪشمور واسي لنجواڻي برادري جي 16ماڻهن کي رکيو ويو

ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ترسايل مريضن جا سمپل نه ورتا ويا

ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڪيڊٽ ڪاليج جي هاسٽل ۾قائم قرنطينه سينٽر ۾ سهولتن جي کوٽ سبب آندو شڪي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ 18 بسترن تي ٻڌل آئسوليشن وارڊ ۾ ڪشمور واسي لنجواڻي برادري جي مبينا ايران کان آيل هڪ ئي ڪٽنب جي 16 ماڻهن کي ڪورونا جي شڪ سبب رکيو ويو آهي، جتي سهولتن جي سخت اڻاٺ آهي. مليل معلومات موجب ٻه ڏينهن گزرڻ باوجود اڃا تائين ڄاڻايل ماڻهن جا ڪي به سمپل نه ورتا ويا آهن ۽ نه ئي کين ماسڪ فراهمڪيا ويا آهن، جڏهن ته داخل ٿيل شڪي بنا ماسڪ ۽ حفاظتي ڪٽ جي سرعام هاسٽل جي ڪمرن، هال ۽ ڇت تي گهمندي نظر اچن ٿا. ٻئي طرف صحت کاتي طرفان ڪورونا کان بچاءَ جي ڪٽ نه ملڻ سبب ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ پوليس اهلڪار پڻ سخت پريشاني جو شڪار آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا انتظاميه طرفان ڪا به سهولت ناهي ڏني وئي. هوڏانهن هڪ تپيدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر پاران ضلعي جي سڀني تپيدارن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته چندو ڪري ڊاڪٽرن ۽ شڪي مريضن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو وڃي. پنهنجي اخبار پاران سوال پڇڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر الهڏنو عرف ڪاڪل چنو چيو ته ڊپٽي ڪمشنر سڀ بندوبست ڪيا آهن، جيڪڏهن تپيدارن ڪو جيب مان خرچ ڪيو آهي ته بعد ۾ انهن کي ڏنو ويندو. ٻئي طرف ڊي ايڇ او نظير احمد اعواڻ چيو ته اسان وٽ شڪي ماڻهن جا سمپل وٺڻ لاءِ ڪي به سهولتون ناهن، هيلٿ منسٽري طرفان تربيت يافته ڊاڪٽر ايندا جيڪي شڪي مريضن جا سمپل وٺي ويندا. فائنل رپورٽ اچڻ بعد داخل ٿيل ماڻهن جي منتقلي بابت فيصلو ڪيو ويندو. آئسوليشن وارڊ ۾ داخل خاندان جو چوڻ آهي ته هنن ڪڏهن ايران ڏٺو ئي ناهي، هو ڪراچي کان واپس ڪشمور آيا هئا. هنن چيو ته هڪ مقامي صحافي جي چوڻ تي پوليس کڻي سينٽر ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.