تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

پنجاب ۾ اڄوڪي ڏينهن ڪورونا وائرس جا 70 ڪيس رپورٽ

پنجاب ۾ ڪل ڪيس 405، سنڌ ۾ 421، بلوچستان ۾ 131 ڪيس، ملڪ ۾ انگ 1197 ٿي ويو

ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ اڄوڪي ڏينهن ڪورونا وائرس جا 70 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن جو انگ 1197 ٿي ويو.

پنجاب
پنجاب ۾ اڄوڪي ڏينهن ڪورونا وائرس جا 70 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، جنهن بعد ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ ڪيسن جو 405 ٿي ويو، لاهور ۾ 83، گجرات ۾ 21، گجرانوالا ۾ 8، جهلم ۾ 19، راولپنڊي ۾ 4، ملتان ۾ مقامي ڪيس 3، جڏهن ته ايران مان آيل 12 زائرين کي ڪورونا وائرس جي تصديق، منڊبهاءُ الدين ۾ هڪ، نارووال ۾ هڪ، رحيم يار خان ۾ هڪ، سرگوڌا ۾ هڪ، اٽڪ ۾ هڪ، بهاولنگر ۾ هڪ، ڊيرا غازي خان ۾ 207 زائرين کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

سنڌ
ڪراچي ۾ مقامي سطح تي منتقل ٿيل 6 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، شهر ۾ انگ 153 ٿي ويو، حيدرآباد ۾ وڌيڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد انگ 2 ٿي ويو، نئون مريض برطانيه کان حيدرآباد پهتو هو. دادو ۾ به هڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪو آهي. سکر ۾ موجود زائرين مان هيل تائين 265 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جنهن بعد سموري سنڌ ۾ مجموعي ڪيسن جو انگ 421 ٿي ويو.

اسلام آباد
ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وڌيڪ 9 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ڪيسن جو مجموعي انگ 25 ٿي ويو، ڊي سي موجب باره ڪهو ۽ شهزاد ٽائون ۾ ڪيسن جو انگ 16 ٿي چڪو آهي.

بلوچستان
بلوچستان ۾ وڌيڪ 12 ڪيسن جي تصديق بعد صوبي ۾ انگ 131 ٿي ويو، صحت کاتي موجب 165 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ جو انتظار آهي.

خيبرپختونخواه
خيبرپختونخوا ۾ 123 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان منگا ۾ 39 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آهي.

گلگت/آزاد ڪشمير
گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 91 ٿي ويو، مريضن جو تعلق اسڪردو ۽ ٻين علائقن سان ٻڌايو پيو وڃي. آزاد ڪشمير ۾ هڪ مريض جي تصديق بعد اتي ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 2 ٿي ويو. ڊي سي موجب 37 ورهين جي مريضياڻي 17 مارچ تي برطانيه مان آئي هئي، جنهن کي 2 ڏينهن اڳ آئسوليشن ۾ رکيو ويو هو.

فوتگيون/صحتياب
پنجاب ۾ وڌيڪ هڪ مريض ڪورونا جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد ملڪ اندر ڪورونا وائرس وگهي هيل تائين 9 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس وگهي 3-3 مريض فوت چڪا آهن، سنڌ، بلوچستان، گلگت ۾ ڪورونا سبب هڪ هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ هيل تائين ڪورو سٽيل 21 مريض صحتياب ٿي ويا آهن، جن مان رڳو سنڌ ۾ 14 مريض صحتياب ٿي ويا، گلگت ۾ 3 اسلام آباد، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ هڪ هڪ مريض صحتياب ٿيو.

Bookmark the permalink.