تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ: نجي ڪمپني جو مينيجر قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ، نجي ڪمپني جو مينيجر قتل، پوليس واقعي کي ڦر دوران مزاحمت قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڪار سوار عمير پٽ جاويد قتل ٿي ويو، جڏهن ته ڪامران زخمي ٿي پيو. پوليس موجب اهو واقعو ڦر دوران مزاحمت تان پيش آيو، مقتول نجي ڪمپني ۾ مينيجر هو، جيڪو 11 لک رپيا کڻي ابراهيم حيدري ۾ بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رهيو هو، لڳي ٿو ته ڪنهن مخبري ڪئي آهي، واقعي واري جاءِ تان ثابتيون گڏ ڪيون ويون آهن، گولين جا خول فارنزڪ لاءِ اماڻيا ويندا، جڏهن ته ڪمپني جي ملازمن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي،

Bookmark the permalink.