تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي ۾ ڊاڪٽرز جي مبينا غلط علاج هڪ ٻئي ٻارڙي جي حياتي کسي ورتي: ملير واسي ٻارڙو حُنين فوت

ڪالا بورڊ وٽ نجي اسپتال ۾ غلط علاج سبب ٻارڙي جي حالت خراب ٿي: وارث

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊاڪٽرز جي سنگين غفلت ۽ غلط علاج سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو حياتيءَ وڃائي ويٺو آهي. ملير جي ڳوٺ ارشد جوکيو جي رهواسي 3 مهينن جي معصوم نينگر کي ڪاري ڪامڻ وگهي ڪالا بورڊ ڀرسان نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽرز جي مبينا غلط علاج سبب نينگر جي دماغ تي اثر پيو ۽ وارثن چيو ته نينگر تڪليف مان روئيندو هو ته ڊاڪٽر علاج ڪرڻ بدران کيس بيهوشي جي انجيڪشن لڳائي ڇڏيندو. جنهن جي ڪري ٻارڙي حُنين جي هڪ اک ضايع ٿي وئي ۽ سندس حالت خراب ٿي ويئي هئي. نجي اسپتال جي ڊاڪٽرز جي مبينا غفلت جو شڪار ٿيل ٻارڙو هُنين حياتي وڃائي ويٺو آهي. فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرز کيس هاءِ ڊوز ڏئي ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري سندس دماغ ناڪاره ٿي ويو. واضح رهي ته ٻارڙي حُنين کان اڳ مسيحائن جي سنگين لاپرواهي جي ڪري نشوا ۽ بلاول ڪالوني جو ٻاررو فوت ٿي چڪا آهن.

Bookmark the permalink.