تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪراچي جي ڀٽائي آباد ۾ قتل ٿيل جان محمد ڀٽو جي قتل جو ڪيس 6 جوابدارن مٿان داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ قتل ٿيل جان محمد ڀٽو جي قتل جو ڪيس 6 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ وقار، وسيم، شاهنواز ۽ سندن والد ذوالفقار سميت اڻڄاتل جوابدار کي نامزد ڪيو ويو. مقتول جي ڀاءُ موجب سندس ڀاءُ کي ملڪيت جي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سندس ڀاءُ حيدرآباد ۾ مزدوري ڪندو هو عيد تي ملڻ آيو هو. هن چيو ته جوابدار ڌر گهر وٺڻ چاهيو انڪار تي سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته جوابدار ڌر قبضي خور آهي سمورا جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.