تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي ڪري چور هاءِ جيٽ گاڏي تي موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ لڳا

اي وي ايل سي نارٿ ناظم آباد جي ٽيم ڇاپو هڻي جوابدار راشد بٽ ۽ حمزه کي گرفتار ڪري ورتو

جوابدارن موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ لاءِ قسطن تي هاءِ جيٽ گاڏي خريد ڪئي: پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي سبب چورن طرفان هاءِ جيٽ گاڏي خريد ڪري موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اي وي ايل سي نارٿ ناظم آباد جي ٽيم ڇاپو هڻي جوابدار راشد بٽ ۽ حمزه کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان موٽرسائيڪل ۽ هاءِ جيٽ گاڏي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدارن ٻيلهه سواري تي پابندي سبب موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ لاءِ قسطن تي هاءِ جيٽ گاڏي خريد ڪئي. جوابدار شهر جي مختلف علائقن مان ون ٽو فائيو موٽرسائيڪلون چوري ڪري پنجاب جي راجن پور شهر ۾ وڪرو ڪندا آهن. جوابدار پنجاب ۾ موٽرسائيڪلون چوري ڪندي پڪڙجي پيا، جيل به وڃي چڪا آهن، ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ڪراچي آيا. جوابدار 40 کان 45 هزار ۾ موٽرسائيڪلون وڪرو ڪندا هئا، جيڪي بعد ۾ افغانستان ۾ وڪرو ٿينديون آهن.

Bookmark the permalink.