تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

ڪراچي ۾ هٿياربند رستي تان ناري کي اغوا ڪري ويا: فائرنگ ۾ نوجوان زخمي:اسپتال منتقل

درخشان ٿاڻي جي حد ۾ ناري دعا منگي ۽ نوجوان حارث سومرو تي هٿياربندن حملو ڪيو، ناري کي ڪار ۾ اغوا ڪري ويا

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان حارث سومرو اسپتال منتقل، نوجوان ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن: پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڪار سوار هٿياربند هڪ نوجوان کي گولي هڻي شديد زخمي ڪري ان سان گڏ موجود ڇوڪري کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ ڊفينس ۾ خيابان بخاري جي بخاري ڪمرشل اسٽريٽ تي رات واقعو پيش آيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي، پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته نوجوان ۽ ناري خيابانِ بخاري جي مين اسٽريٽ تي روڊ تي پيادل گهمي رهيا هئا ته ڪار ۾ سوار هٿياربند اُتي پهتا ۽ نوجوان کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڇوڪري کي زبردستي ڪار ۾ اغوا ڪري ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي سائوٿ شيراز نذير ۽ ايس پي انويسٽيگيشن فوري طور تي نفري سان گڏ پهتا، جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي سائوٿ شيراز نذير جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن ۽ ڪجهه اکين ڏٺن شاهدن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا آهن، حقيقي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پوليس ٻڌايو ته زخمي نوجوان کي فوري طور تي هڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي جي سڃاڻپ حارث سومرو جي نالي سان ٿي آهي، زخمي حارث ٻڌايو ته گاڏي ۾ ڪجهه ماڻهو آيا ۽ جن مون کي گولي هڻي گڏ دوست ڇوڪري کي اغوا ڪري ويا، پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ ڇوڪري جو نالو دعا منگي سامهون آيو آهي، ڇوڪري جي گهروارن رابطو ناهي ڪيو، ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي تفصيل طلب ڪري ورتا.



Bookmark the permalink.