تازا ترين
  • *ڪراچي: عيد تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو: واپاري اڳواڻ عتيق مير * ڪراچي: هن سال عيد جي موقعي تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو * ڪراچي: گذريل سال عيد تي 35 ارب رپين جو ڪاروبار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي جهاز حادثي ۾ سڙي زخمي ٿيل ٽن گهريلو ملازم نارين واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو * ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب پورهيت نارين ناهيدان، مائرا ۽ عزيزان جي سهڪار جي خاطري ڪرائي * ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه سڙي زخمي ٿيل ٽن ملازم عورتن جي عيادت ڪري سندن مالي سهائتا ڪندا *
  • *ڪراچي: اوقاف کاتي عيد جي موڪلن کانپوءِ سنڌ جون 3 اهم درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو * ڪراچي: اوقاف کاتي جا ملازم زائرين کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا * ڪراچي: شاهه عبدالطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر ۽ عبدالله شاهه غازي جون درگاهون زائرين لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو *
  • *اسلام آباد: نيب خودمختيار ادارو آهي ۽ اُن اداري ڪڏهن به پنهنجو ڪم بند ناهي ڪيو: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه * اسلام آباد: جهاز سانحي ۽ ڪورونا سبب عيد سادگي سان ملهائي پئي وڃي: وفاقي گهرو وزير * اسلام آباد: لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا سختي جو فيصلو صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو: اعجاز شاهه *
  • *سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جي شڪي عورت فوت *52 ورهين جي عورت کي ڪورونا جي شڪ سبب آئسوليٽ ڪيو ويو هو*
  • *عمرڪوٽ ڀرسان چنگچي رڪشا جي ٽڪر ۾ نينگر نصير ڪلر چيڀاٽجي فوت *هيرآباد اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام*
  • *لاڙڪاڻو: مختلف علائقن ۾ ڪتن 2 ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *لاڙڪاڻو: 6 ڏينهن ۾ ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻهن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو*
  • *پنجاب جي راجنپور واري علائقي مان 3 پوليس اهلڪار اغوا، پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو*
  • *سنڌ ۾ آپگهات وارن واقعن ۾گهٽتائي نه آئي، ٽنڊو باگو ڀرسان 2 عورتن زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *واهي پانڌي: مستوئي پاڙي ۾ پورهيت عيسيٰ سومرو جي گهر کي باهه لڳي وئي *گهر مڪمل طور سڙي ويو، رڳو جانيون بچائي نڪتا آهيون، مالي سهائتا ڪئي وڃي:متاثر*
  • *چڪ: جتوئي برادري ۾ تڪرار تان جهيڙو، ڌنار مرڻينگ *هڪ ڌر ڌنار کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ 12 مينهون ڪاهي وئي*
  • *ڪراچي: برنس روڊ ۾ اي سي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو*
  • *ٺڪراٺو ڀرسان جوڻاس مائينر کي آرڊي 9 وٽان 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل*
  • *ٽنڊو باگو ڀرسان ناري زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *پکو ڀرسان نوجوان سيد خالد حسين فائرنگ ۾ مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *نوجوان تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا *معاملو سيد برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار جو نتيجو آهي: پوليس *

ڪراچي ۾ متحده لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار: معصوم ٻارڙين کي زيادتي بعد ساڙڻ، آرمي جوانن ۽ پوليس اهلڪارن سوڌو 111 قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ٽارگيٽ ڪلر عبدالسلام جاچ دوران ڪيترائي اهم انڪشاف ڪيا آهن، سندن نيٽ ورڪ ۾ 20 کان 22 ڏوهاري شامل آهن: ايس ايس پي ايسٽ

ٽارگيٽ ڪلر جو گروهه پرول تحت آزادي ماڻڻ کانپوءِ فرار ٿيڻ وارو منصوبو به ٻڌايو: ايس ايس پي اظفر مهيسر جا پريس ڪانفرنس ۾ انڪشاف
ايس ايس پي اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس متحده لنڊن جي هڪ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته سندن گروهه معصوم ٻارڙين کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد سندن جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪندو هو ۽ لاشن کي ساڙي ٺڪاڻي لڳائيندو هو.
ايس ايس پي ايسٽ اظفر مهيسر پنهنجي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ائنٽي اسٽريٽ ڪرائيم اسڪواڊ ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۽ سولجر بازار پوليس گڏيل ڪارروائي دوران متحده لنڊن سان واسطو رکندڙ ٽارگيٽ ڪلر عبدالسلام کي گرفتار ڪيو، جنهن جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو هيل تائين 111 قتل ڪري چڪو آهي.
آرمي جي جوانن ۽ پوليس اهلڪارن جا قتل
پريس ڪانفرنس دوران ايس ايس پي غلام اظفر مهيسر انڪشاف ڪيو ته ٽارگيٽ ڪلر عبدالسلام اعتراف ڪيو آهي ته هُنن ٻن آرمي جي جوانن، هڪ نيوي اهلڪار، 8 پوليس اهلڪارن، ڊاڪٽرز ۽ سرڪاري ملازمن سوڌو ٻارڙين جا به قتل ڪري چڪو آهي. جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي 5 معصوم ٻارڙين کي به قتل ڪيو. اُن کانسواءِ پيپلز پارٽي جي هڪ، نواز ليگ جي 4 ۽ متحده حقيقي جي 11 ڪارڪنن کي به قتل ڪري چڪا آهن.
ٻارڙين کي زيادتي بعد ٽڪرا ڪرڻ ۽ ساڙڻ جو انڪشاف
ايس ايس پي اظفر مهيسر انڪشاف ڪيو ته گرفتار ٽارگيٽ ڪلر ماڻهن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي وارداتن ۾ به ملوث رهيو آهي، ايستائين جو سندن گروهه معصوم ٻارڙين کي اغوا بعد حوس جو نشانو بڻائيندو هو، جنهن کانپوءِ سندن جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري مختلف هنڌن تي اُڇليندو هو، يا وري ڪچرا ڪنڊين ۾ سندن سڙيل لاشن کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو ڪم ڪندو هو. هن چيو ته جاچ دوران جوابدار طرفان ٻڌايل سڄي ڪهاڻي ملي وئي آهي، هُن اهو به ٻڌايو ته فرار ٿيڻ لاءِ پرول تحت آزادي وارو پروگرام ڪيئن رٿيو ويو؟ سندن نيٽ ورڪ جا 2 ڏوهاري مارجي چڪا آهن، 3 جيل ۾ آهن ۽ اڻڄاتل ڏوهاري به شامل آهن. سندن نيٽ ورڪ ۾ 20 کان 22 ماڻهو شامل آهن.

Bookmark the permalink.